اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي بجيٽ قومي ترجيحن تي ڌيان ڏيندي سدائين عوام دوست هوندي آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ به ڪمزور ۽ وچولي طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي، اقتصادي استحڪام، واپار، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي، معاشي دستاويزبندي ۽ مالياتي خساري ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح رهندي، اميد آهي ته آءِ ايم ايف کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ اسٽاف سطح جو معاهدو جلد طئي ٿي ويندو، سي پيڪ ترقي ۽ واڌوجيهه جي سفر جو منصوبو آهي، توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئين ملڪن مان سستي توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين، رياست جي لاءِ ضروري مشڪل فيصلا ڪري سياسي قيمت ادا ڪئي پر ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. ”اي پي پي“ کي خصوصي انٽرويو ڏيندي بلال اظهر ڪياني چيو ته موجوده حڪومت جڏهن اقتدار سنڀاليو ته مشڪل صورتحال درپيش هئي، 4 سالن ۾ عمران خان جي صورت ۾ ناڪام پراجيڪٽ جي تجربي سان پاڪستان جي معاشي صورتحال ڳنڀير ٿي، ٻه ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا، 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا، مهانگائي ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهيو، ڪرسيءَ تان رخصتي کي يقيني ڏسندي، ويندي ويندي هن آءِ ايم ايف سان پروگرام کان انحرافي ڪئي جنهن ملڪ کي معاشي طور تي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچائي ڇڏيو، ان سان گڏوگڏ پاڪستان ان عرصي ۾ سفارتي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار رهيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪري چڪا هئا، اسان جي اهم حصيدار ملڪن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ناراض ڪيو ويو هو، ان صورتحال ۾ موجوده حڪومت محمد نواز شريف ۽ اتحادي پارٽين جي مشاورت سان ڪم جي شروعات ڪئي، آءِ ايم ايف پروگرام کي بحال ڪيو ويو، رياست جي لاءِ ضروري مشڪل فيصلا ڪيا ويا جنهن جي اسان سياسي قيمت به ادا ڪئي پر ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري، مالياتي ۽ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ به ڪمزور طبقن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا، سستو ۽ مفت اٽو پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويو، موجوده حڪومت سفارتي لاڳاپن کي به بهتر ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ بهترين حالتون فراهم ڪيون هيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته آءِ ايم ايف سان جيڪي شرطون طئي ٿيون آهن انهن تي عمل ٿئي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ مسلسل رابطو آهي، اهو رابطو مختلف سطحن تي برقرار آهي، ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ اميد آهي ته اسان آءِ ايم ايف کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ويندو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان پروگرام جي لاءِ جيڪي شرطون قبول ڪيون هيون اهي معياري نه هيون، ان وقت جي ناڻي واري سيڪريٽري پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، اسان به واهه واهه جي لاءِ پاپولر فيصلا ڪري سگهون ٿا پر ان جو ملڪ ۽ رياست کي نقصان ٿيندو. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي بجيٽ سدائين عوام دوست هوندي آهي ۽ انشاءَ الله هن ڀيري به لوئر ۽ مڊل انڪم ڪلاس کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي، معيشت کي دستاويزي بڻائڻ، روانگي واپار ۾ اضافي، مختلف شعبن ۾ خسارن کي گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ تي ڌيان رهندو، گذريل سال ايندڙ بدترين ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ پڻ قدمن جو سلسلو جاري رهندو، گهٽ ۾ گهٽ 1100 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جا ترقياتي منصوبا پڻ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ جو حصو هوندا، جنهن ۾ 950 ارب پي ايس ڊي پي ۽ 150 ارب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا منصوبا آهن، پائيدار واڌويجهه، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ خسارن کي گهٽ ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح هوندي. هن چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته روانگي واپار وڌائڻ اسان جي فوري ضرورت آهي، جڏهن به اسان جي جي ڊي پي جي جي واڌويجهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ان سان گڏ ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خسارو وڌي وڃي ٿو ان سلسلي ۾ برآمدي شعبي کي مراعتون ڏنيون ويون آهن ۽ وڌيڪ مراعتون پڻ ڏنيون وينديون، ان سان گڏوگڏ زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ويليو ايڊيشن کي فروغ ڏنو ويندو، آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏنو ويندو ڇو ته ان شعبي ۾ ريوينيو حاصل ڪرڻ جلد ممڪن آهي، وزيراعظم اڄ به آءِ ٽي شعبي جي حصيدارن سان گڏجاڻي ڪئي آهي. اها به ڪوشش هوندي ته ايڪسپورٽ سان حاصل ڪيل پرڏيهي ناڻو قانوني چينلز ذريعي پاڪستان اچي. هن چيو ته آبادگار پئڪيج سان ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار تي سٺا اثر پيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ بلال اظهر ڪياني چيو ته متبادل توانائي کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ان سان درآمدي ٻارڻ تي اسان جو دارومدار گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ ۾ به گهٽتائي ايندي، آبادگار پئڪيج جهڙن قدمن جو سلسلو جاري رکڻ جي ڪوشش هوندي. چونڊن کانپوءِ جڏهن ٻيهر حڪومت ۾ اينداسين ته ڊگهي مدي وارا ڍانچاجاتي پروگرام شروع ڪنداسين. وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر ٻڌايو ته سي پيڪ جو منصوبو (ن) ليگ حڪومت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي هئي، سي پيڪ جا ڪيترائي منصوبا گذريل 4 سالن ۾ التوا جو شڪار ٿيا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي پڻ منفي اثر پيا پر موجوده حڪومت انهن منصوبن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، سي پيڪ جا منصوبا ٻيهر تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي گڏجي ترقي ۽ واڌويجهه جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جو منصوبو آهي، جيستائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هوندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهڙي طرح جي ترقياتي منصوبن جو سفر جاري رهندو. روس کان تيل جي درآمد جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيٽروليم واري وزارت روس کان تيل جي درآمد تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪٿان به جيڪڏهن سستو ٻارڻ ملي رهيو هجي ته انهن موقعن مان فائدو کڻنداسين ۽ موجوده حڪومت ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي بابت سوال تي هن چيو ته اسان کي پرڏيهي ۽ اقتصادي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهڙا فيصلا ڪرڻا آهن جنهن سان اسان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿين، وزيراعظم تازو ئي ايران جي صدر سان گڏ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت بجلي جي شعبي ۾ 25 سئو ارب رپين ۽ گئس جي شعبي ۾ 1500 ارب رپين جو گردشي قرض ڇڏيو، ان پوري مدي ۾ ملڪ ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي جو اضافو نه ٿي سگهيو، ڪوويڊ جي موقعي تي پاڪستان کي ايل اين جي ۽ توانائي جي ڊگهي مدي وارن معاهدن جو بهترين موقعو مليو هو، ان وقت ايل اين جي 4 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ملي رهي هئي پر ان کي نالائقي چئو يا فرنس آئل لابيز جو اثررسوخ، اها آڇ ٺڪرائي وئي، اهڙي طرح جي فيصلن سان گردشي قرضن جي ڪاٿي ۾ اضافو ٿيو، موجوده حڪومت توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ميڪرو ۽ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پاور جي شعبي ۾ نقصانن جو خاتمو اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) گذريل حڪومت جي دور ۾ به انهي راهه تي گامزن هئي پر سازشن جي ذريعي محمد نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، انشاءَ الله ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ترقي ۽ خوشحالي جي ان سفر جي ٻيهر شروعات ٿيندي.