اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين 22 مارچ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ٿيندا، جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملي، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ، ملڪيتن جي ٽوڙ ڦوڙ، تشدد ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪندڙن سميت سوشل ميڊيا ۽ ٻاهرئين ملڪ ادارن خاص طور تي آرمي چيف جي خلاف مهم جي شديد مذمت ڪندي انهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪندي چيو ويو آهي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڪڌي ايجنڊا جو حصو نه بڻجن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومت ۾ شامل پارٽين جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جيڪو 6 ڪلاڪ جاري رهيو. اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي، سياسي، داخلي ۽ پرڏيهي، امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي معيشت، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي، عوامي ريليف جي لاءِ وزيراعظم جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ آبادگار پئڪيج، رمضان ۾ غريب خاندانن کي اٽي جي مفت فراهمي، گهٽ پگهار ۽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 50 رپين جي خصوصي رعايت ڏيڻ جي اسڪيم، سڄي ملڪ جي نوجوانن جي لاءِ سي ايس ايس جي خصوصي امتحان جو انعقاد، شمسي توانائي جي فروغ، نوجوانن جي لاءِ بنا وياج ۽ رعايتي قرض، ٻوڏ متاثرين جي بحالي سميت ٻيا پروگرام شامل آهن. اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي معيشت ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۽ مشڪل حالتن جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اجلاس عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪندڙ پوليس، رينجرز تي عمران خان جي حڪم تي حملن ۽ تشدد جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ چيو ته پيٽرول بم، ڏنڊن، غليلن، هٿيارن، ڪالعدم تنظيمن سان تعلق رکندڙ ماڻهن تي ٻڌل پرتشدد تربيت يافته جٿن جي ذريعي رياستي ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي لشڪرڪشي انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اهو رويو هرگز آئيني، قانوني، جمهوري ۽ سياسي نه آهي. رياست جي مقابلي ۾ هٿيار کڻڻ، انهن جي آفيسرن ۽ جوانن کي نشانو بڻائن، انهن تي گولي هلائڻ، گاڏيون ساڙڻ، عدالتي احاطن جو گهيراءُ، جٿا ڪشي، پوليس جون گاڏيون واهن ۾ اڇلائڻ، قانوني ڊيوٽي ادا ڪندڙ پوليس وارن کي رستي ۾ روڪي تشدد جو نشانو بڻائڻ لاقانونيت جي انتها آهي جنهن کي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. اجلاس رياستي ادارن جي آفيسرن ۽ نوجوانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي فرض شناسي کي ساراهيو ۽ قرار ڏنو ته قانون ٽوڙيندڙ عنصرن جي خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪا رعايت نه ڪئي وڃي. اها رياست دشمني آهي جنهن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. اجلاس قرار ڏنو ته پوري قوم ڏٺو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه آهي پر ڪالعدم تنظيمن جي تربيت يافته عسڪريت پسندن جو جٿو آهي جنهن جا سمورا ثبوت موجود آهن تنهن ڪري فيصلو ڪيو ويو ته قانون موجب ان ڏس ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس اربع 22 مارچ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ رياستي عملداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ٿيندا. اجلاس سوشل ميڊيا ۽ ٻاهرئين ملڪ ادارن خاص طور تي آرمي چيف جي خلاف هلائي ويندڙ مهم جي شديد مذمت ڪئي. اجلاس چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان ڪڌي ايجنڊا جو حصو نه بڻجن. لسٻيلا جي شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائيندڙ عنصر ٻاهرئين ملڪ ويهي سوشل ميڊيا ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ مظاهرن جي ذريعي اهي ڪڌي مهم هلائي رهيا آهن. اجلاس انهن سمورن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ۽ قرار ڏنو ته ڪنهن به معاشري ۾ اهو رويو قابل قبول ناهي هوندو. اها اظهار جي آزادي نه آهي. اجلاس چيو ته عدل جي نظام جي عمران خان ۽ ان جي ساٿين سان سلوڪ سان ساهمي جا پُڙ برابر نه هجڻ جو تاثر وڌيڪ گهرو ٿي رهيو آهي جيڪو ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ عدل جي اصولن جي لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهي. هڪ ملڪ ۾ انصاف جا ٻه جدا معيار قابل قبول نه آهن. اجلاس جوڊيشل ڪميشن تي حملي، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ، ملڪيتن جي ٽوڙ ڦوڙ، تشدد ۽ جلاءُ گهيراءُ تي قانون موجب سخت ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. اجلاس اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ وڪيل خواجه طارق رحيم جي آڊيو ليڪ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مريم نواز شريف بابت گندي ڳالهه ٻولهه جي مذمت ڪئي. اجلاس چيو ته معاشري جا سمورا طبقا خاص طور تي عورتون ان منفي سوچ ۽ عدم برداشت جي شديد مذمت ڪن. اجلاس ۾ حڪومت ۾ شامل پارٽين جا ڏاها، سينيئر اڳواڻ ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا.