ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ جاري ڊيجيٽل آدمشماري تي خدشن جو اظهار ڪندي، اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي ضمني چونڊن فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان ڊيجيٽل آدمشماري تي ريڊ لائين ڪڍي ڇڏي آهي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ قانون وارو وزير مرتضيٰ وهاب فوري طور تي اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل شيڊيول جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪن، سياسي ويڙهه پارليامينٽ ۾ يا چونڊن ۾ ٿيڻ گهرجي، سنڌ کي بلدياتي نمائندن کان محروم رکيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري ڪورنگي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي 1200 بسترن تي ٻڌل دل جي بيمارين جي اسپتال ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (زيڊ اي بي آئي سي وي ڊي) جي پيڙهه جو پٿر رکيو، جتي علاج مڪمل طور تي مفت ٿيندو، 10 ماڙ اسپتال جي عمارت 7 حصن تي 2.4 ملين چورس فٽ تي ٻڌل هوندي، جديد ترين اوزارن سان ليس اسپتال ۾ 16 ننڍا آپريشن ٿيٽرز، 18 ڪارڊيڪ ڪيٿ ليبز، 2 ايم آر آئي ليبز ۽ 4 سي ٽي ليبز پڻ هونديون. اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان هڪ معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران مان گذري رهيو آهي، ان جي حل لاءِ سڀني کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪوڙ، نفرت، ورڇ ۽ ڌوئنس ڌمڪي جي سياست ڪندڙن کي درخواست آهي ته اهي غيرجمهوري رويو ڇڏي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ صحت ڪارڊ جي نالي تي هڪ دوکو هلي رهيو آهي، عوام جو پئسو اسپتالن تي لڳائڻ بدران نجي انشورنس ڪمپنين کي ملي رهيو هو. هن چيو ته سياسي ويڙهه پارليامينٽ ۾ يا چونڊن ۾ ٿيڻ گهرجي. هن زور ڏيندي چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين کي درخواست آهي ته اهي ڪوڙ، نفرت، ورڇ ۽ ڌونئس ڌمڪي جي سياست ڇڏي ڏين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو پاڪستان جي تباهي ۾ توهان جو ڪردار رهيو آهي، اهو تاريخ جو حصو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ کي بلدياتي نمائندن کان محروم رکيو پيو وڃي. پاڪستان پيپلزپارٽي تي الزام هنيو ويندو هو ته اها بلدياتي چونڊون نه ٿي چاهي، پر هاڻي ٻڌايو وڃي ته ان نظام کي اڳتي وڌڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي؟ هن چيو ته اسان بلدياتي چونڊون ڪرايون ۽ هاڻي ميئر بڻجڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي، ڪجهه قوتون برداشت نه ڪري رهيون آهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو ميئر ٿئي، هاڻي اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي ضمني چونڊن جي لاءِ رمضان مهيني دوران 18 اپريل جي تاريخ ڏني آهي ۽ چيو آهي ته 30 اپريل تي ادارا پنهنجا سربراهه چونڊيندا. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قانون واري وزير مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪندي چيو ته اهي فوري طور تي اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل شيڊيول جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ جاري ڊيجيٽل آدمشماري تي پڻ خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان معاملي تي اسان ريڊ لائين ڪڍي ڇڏي آهي. هن چيو ته دل جي مفت علاج جي لاءِ نئين اسپتال قائم ڪري رهيا آهيون، پوري دنيا ۾ ڪا اهڙي اسپتال موجود نه آهي جيڪا ان انگ ۾ مريضن جو مفت علاج ڪرائي. هن چيو ته جيئڻ ۽ مرڻ جو فيصلو معاشي صورتحال جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 هين آئيني ترميم تحت سال 2015ع ۾ اين آئي سي وي ڊي ڪراچي کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو ۽ هاڻي هي ادارو دنيا جو سڀ کان وڏي دل جي مرض جي مفت اسپتال بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي ڪراچي کانپوءِ اين آئي سي وي ڊي سکر سڀ کان وڏي اسپتال آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي سان گڏوگڏ ٽنڊو محمد خان، سيوهڻ، نوابشاهه، مٺي ۽ خيرپور ۾ پڻ هن اداري سان واڳيل سيٽلائيٽ سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ 17 چيسٽ پين يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهڙا يونٽس گهوٽڪي، ٽنڊوباگو، جيڪب آباد، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ۾ پڻ موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اها سوچ آهي ته ڪنهن به شهري جي علاج ۾ پئسو رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ جي اين آئي سي وي ڊي اسپتال ڀارت ۽ يورپ جي ڪنهن به اسپتال کان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته گذريل 15 سالن کان ڪجهه ماڻهو سنڌ حڪومت جي ڪردارڪشيءَ ۾ مصروف رهيا آهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪيو ڇا آهي؟ اين آئي سي وي ڊي انهن مخالفن جي لاءِ منهن ٽوڙ جواب آهي. هن چيو ته 70 سالن جو اهو سياستدان جيڪو چوي ٿو ته ان جي جدوجهد 30 سالن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي اقتدار جي دور ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهنديون هيون، ته اهي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ اين آئي سي وي ڊي جهڙي هڪ اسپتال ڏيکارين. هن چيو ته آئون ته 30 سالن جو آهيان ۽ مختصر عرصي ۾ دل جي مرض جي مفت علاج جي لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي اسپتال ٺاهي ڇڏي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت مهانگائي، بيروزگاري، غربت عروج تي آهي، انهن حالتن ۾ سنڌ حڪومت سميت پوري ملڪ جي عوام جي لاءِ هي هڪ تحفو آهي. هن چيو ته هڪ لک کان وڌيڪ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ مريض سنڌ حڪومت جي ٺاهيل اسپتالن مان فائدو کڻي چڪا آهن. هن چيو ته جيڪو صحت جو علاج پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿئي ٿو اهو رڳو پئسي جي لاءِ ٿئي ٿو، سنڌ ۾ انسانيت جي خدمت جي لاءِ مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. هن وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي آڇ ڪندي چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت چاهي ته اين آئي سي وي ڊي جو هڪ سيٽ لائيٽ سينٽر 6 مهينن جي اندر اسلام آباد ۾ به قائم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کانسواءِ صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.