اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) صدرِ مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊجيٽل هيلٿ پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڊجيٽل ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل ٽيڪنالاجيز سان هلندڙ ٽيلي هيلٿ ملڪ ۾ آن لائن فارميسيز ۽ ليبز، چيٽ بوٽس ۽ آن لائن ٽيلي فونڪ مشاورت جي ترقيءَ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون ته جيئن خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ غير مراعت يافته ماڻهن کي انتهائي گهٽ لاڳت ۾ طبي مشاورت، رهنمائي ۽ تشخيص جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. صدرِ مملڪت اهڙو اظهار پاڪستان جي ٻي ڊجيٽل هيلٿ نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ صحت جي ماهرن، آءِ ٽي جي ماهرن، ڊاڪٽرن، اسڪالرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صدرِ مملڪت چيو ته پاڪستان کي صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا چئلينجز موجود آهن جن ۾ طبي پيشيور فردن جي کوٽ، ناقص بنيادي ڍانچو، صحت جي خدمتن جي مهانگائي لاڳت، ڳوٺاڻن علائقن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ کان علاوه صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ناڪافي فنڊز شامل آهن. هن چيو ته قوم جي درپيش انهن مسئلن کي مصنوعي ذهانت سان هلندڙ ٽيلي هيلٿ ۽ ڊجيٽل صحت جي قدمن ذريعي نمايان طور مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. صدرِ مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي ڪيسن جي ڪل آباديءَ جو 9 سيڪڙو آهن جيڪي 20 ملين جي لڳ ڀڳ آهن، جڏهن ته مصر ۾ هيپاٽائيٽس جي ڪل آباديءَ جي شرح جو 12 کان 13 سيڪڙو آهي ۽ ان خطرناڪ بيماريءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ان تي 3 کان 4 ارب ڊالر خرچ ٿين ٿا. هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ هئڻ جي ناتي مڪمل طور تي علاج فراهم نٿو ڪري سگهي ان لاءِ احتياطي قدمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا وبا جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو. ان کان بچاءُ جي طريقن بابت آگاهي پيدا ڪئي ۽ رابطي جي سمورن ميڊيا جي ذريعي مسلسل پيغام پهچايا، جراثيم کان پاڪ اوزارن ۽ سرنجن جي استعمال، استعمال شده سرنج کي تلف ڪرڻ ۽ عوام ۾ صحتمند طرزِ زندگيءَ کي هٿي وٺرائڻ بابت آگاهي پيدا ڪري ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته حڪومت ملڪ لاءِ ڊجيٽل ۽ ٽيلي هيلٿ پليٽ فارمز جي حوالي سان قانون ۽ پاليسيون مرتب ڪري سگهي ٿي پر نجي شعبي کي اهڙن قدمن لاءِ مهم هلائڻ ۽ وڪالت ڪرڻي پوندي. ڊجيٽل هيلٿ ايسوسيئيشن جي باني صدر ڊاڪٽر اظفر ملڪ چيو ته پاڪستان ڊجيٽل هيلٿ ايسوسيئيشن پاڪستان جي هيلٿ ايڪو سسٽم جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ ان جو مقصد ڊجيٽل هيلٿ فرينڊلي پاليسيون ٺاهڻ ۽ اسٽڪ هولڊرز وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪرڻ آهي ۽ ٻي ڊجيٽل هيلٿ ڪانفرنس ان سلسلي ۾ هڪ اهم قدم آهي. سي اي او ڪيور ايم ڊي، بلال حشمت ڊجيٽل هيلٿ سسٽم پاڪستان ۾ صحت جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ان جي فائدن بابت تفصيلي پريزينٽيشن ڏني. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي جو اٽڪل 4 سيڪڙو صحت تي خرچ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته صحت جو عالمي اداري ڊبليو ايڇ او صحت جي سارسنڀال لاءِ جي ڊي پي جو گهٽ ۾ گهٽ 6 سيڪڙو مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آباديءَ کي صحت جي بهترين سهولتن تائين محدود رسائي حاصل آهي. هن چيو ته صحت جي سارسنڀال جي شعبي ۾ نتيجن کي بهتر بنائڻ، خرچن کي گهٽائڻ، ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ، صارفين جي مصروفيت وڌائڻ ۽ مريضن جي سارسنڀال کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊجيٽل هيلٿ پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو