Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet meeting in Islamabad on 18th October, 2022.

اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ جاري ايڊوانس ميٽرز هڻڻ جي منصوبي کي ملڪ جي ٻين حصن تائين وڌائڻ ۽ ٽرانسفارمرز ايڊوانس ميٽرز هڻڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڊسڪوز ۾ خالي جاين جي جامع رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتي، لائين لاسز جي شرح ۾ گهٽتائي جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ جي لاءِ ٻوڏ سٽيل علائقن جي لاءِ ٻج جي خريداري اين ڊي ايم اي کي ڏئي ڇڏي جيڪا ايندڙ فصل جي پوکيءَ کان اڳ ان عمل کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي، ڪابينا تازي آدمشماري جي عمل کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا کي پنهنجي قازقستان جي دوري جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنسز بشمول شنگهائي تعاون تنظيم، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۽ تازو ئي سيڪا جي سربراهي اجلاس ۾ سندس وچ ايشيائي رياستن جي ملڪي سربراهن سان تفصيلي ملاقاتون ٿيون. انهن ملاقاتن ۾ زرعي جنسن، گئس، ريل، روڊ، انفراسٽرڪچر ۽ رابطن ۽ توانائي لنگهن تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهو طئي ٿيو ته پاڪستان جلد اسلام آباد ۾ وچ ايشيائي رياستن جو سربراهي اجلاس منعقد ڪندو جنهن ۾ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان وچ ايشيائي رياستن مان ريل، روڊ ۽ توانائي لنگهه قائم ڪرڻ جي حوالي سان اصولي فيصلا ڪيا ويندا. وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽين جي سفارشن جي روشني ۾ انهن رابطن جي هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ پيش ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران بجلي جي چوري، لائين لاسز ۽ انهن نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۾ بجلي جي چوري، لائين لاسز، بلز ۽ ريڪوري جي حوالي سان انگن اکرن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ خسارو ڪندڙ فيڊرز ۽ انهن سان ريڪوري جي راهه ۾ رڪاوٽن تي تي بريفنگ سان گڏوگڏ انهن مسئلن جي خاتمي جي طريقيڪار ۽ تجويزن بابت پڻ ٻڌايو ويو. وزيراعظم پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ڊسڪوز ۾ انتهائي ضروري اسٽاف جي خالي جاين جي جامع رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪري ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀرتي جي عمل کي شفاف ۽ عالمي سطح تي لاڳو بيسٽ پريڪٽسز سان هم آهنگ ڪري. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن ڪمپنين ۾ ڪرپٽ آفيسرن جي فهرست جوڙي وڃي ۽ سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن کي اهم عهدن تي لڳايو وڃي ته جيئن انهن ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي، خسارو گهٽ ٿئي ۽ عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهجن. هن هدايت ڪئي ته اهڙن آفيسرن جي نه رڳو پذيرائي ڪئي وڃي پر انهن کي سٺي ڪارڪردگي تي انعامن سان به نوازيو وڃي. وفاقي ڪابينا لائين لاسز گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ جاري ايڊوانس ميٽرز هڻڻ جي منصوبي کي ملڪ جي ٻين حصن تائين توسيع ڏيڻ ۽ گڏ ئي ٽرانسفارمرز تي ايڊوانس ميٽرز هڻڻ جي پڻ اصولي منظوري ڏني. وزيراعظم 7 سيڪڙو لائين لاسز جي سراسري کي غيراطمينان جوڳو قرار ڏيندي فوري طور تي عالمي سطح تي لاڳو لائين لاسز جي شرح موجب ان ۾ مرحليوار گهٽتائي جي ٺوس پلان ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌاراجاتي قدمن جون سفارشون جوڙڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. ان ڪميٽي ۾ واپار ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير آغا حسن بلوچ، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ سيڪريٽري پاور شامل هوندا. ڪميٽي ٻن هفتن دوران مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڪابينا کي پيش ڪندي. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي سڄي ملڪ ۾ گهٽ لاڳت شمسي توانائي کي مهانگي درآمدي ٻارڻ جي متبادل جي طور تي استعمال جي فروغ جي قدمن جي منظوري ڏني. انهن قدمن م موجوده بجلي گهرن کي مهانگي درآمدي ٻارڻ بدران ڏينهن جي وقت ۾ شمسي توانائي سان هلائڻ، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪي وي 11 فيڊرز تي ننڍي پئماني جي مقامي نجي ۽ سيڙپڪارن کي ننڍا شمسي بجيل گهر لڳائڻ جي اجازت ۽ حڪومتي عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ شامل آهي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 17 آڪٽوبر 2022ع ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جن ۾ مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن جي اچيومينٽ پروگرام جي لاءِ 17 ارب رپين جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري شامل آهي. تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان لکين ايڪڙ تي تيار فصل جي تباهي کي نظر ۾ رکندي ۽ مقامي ٻج جي امڪاني کوٽ جي ڏس ۾ وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته صوبن سان گڏجي آبادگارن کي ايندڙ ڪڻڪ جي فصل لاءِ ٻج جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان جي لاءِ صوبا ۽ وفاقي حڪومت 50 سيڪڙو جي حصيداري سان فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائيندا. ان حوالي سان اي سي سي اين ڊي ايم اي جي لاءِ 3.2 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانت، ڪڻڪ جي ٻج جي خريداري ۽ صوبن پاران نشاندهي ڪيل شلعن ۾ ورڇ جي مد ۾ منظور ڪئي، جنهن جي ڪابينا توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت ايندڙ ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ لاءِ ٻوڏ سٽيل علائقن جي لاءِ ٻج جي خريداري اين ڊي ايم اي کي ڏئي ڇڏي جيڪا ايندڙ فصل جي پوکيءَ کان اڳ ان عمل کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. وفاقي ڪابينا تازي آدمشماري جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ روڪڻ کانسواءِ جاري رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي.