APP52-280922 ISLAMABAD: September 28 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet meeting. APP

اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين ۾ روڪ رقم جي ورڇ جي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ورڇ جي عمل ۾ شڪايتن جو فوري ازالو ڪري ڪابينا کي آگاهه ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڪابينا کي وزيراعظم جي ثمرقند دوري ۽ نيويارڪ دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي گهٽ مدي ۾ 10 ملڪي سربراهن جن ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن کانسواءِ وچ ايشيائي ملڪن جي صدرن ۽ سربراهن سان ملاقاتون شامل هيون. روسي صدر سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول توانائي ۾ وسيع تعاون تي اتفاق ٿيو. ان کانسواءِ وزيراعظم روس مان گهٽ لاڳت تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي روسي صدر آجيان ڪئي. وڌيڪ اهو ته روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بين الحڪومتي ڪميشن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان پاران جلد هڪ اعليٰ سطحي وفد جي روس جي دوري تي اتفاق ٿيو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ۽ خطاب پڻ دوري جو اهم حصو هو. فورم ۽ ٻطرفين ملاقاتن ۾ ڀرپور طريقي سان پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ تاريخي ٻوڏ ۽ ٻوڏ متاثرين جي مصيبتن کي اجاگر ڪيو ويو. جنهن تي سمورن ملڪن حمايت ۽ تعاون جي خاطري ڪرائي. توانائي جي شعبي، علائقائي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ ماڻهن جي ماڻهن سان رابطي جي حوالي سان تعاون تي ٽاسڪ فورسز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جا مثبت نتيجا جلد متوقع آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ لازمي ۽ پائيدار امن جي لاءِ عالمي قدمن ۾ اضافي ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪشمير مسئلي، ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شرڪت جي حوالي سان ڪابينا کي آگاهه ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم جي ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن جي ذميواري کڻندي پاڪستان جهڙن اهڙن ملڪن جن جو عالمي ڪاربن فٽ پرنٽ ۾ حصو انتهائي گهٽ آهي، جي مدد جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي موقف جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي. پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ حمايت ۽ مدد جي اپيل سڄي دنيا تائين پهچائڻ ۾ معاونت سان گڏوگڏ ان موقعي تي مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتن ۾ پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي خاطري ڪرائي وئي. ان موقعي تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ فرانس پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ فرانسيسي صدر پاران فرانس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي جيڪو نه رڳو ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ هڪ خوش آئنده قدم آهي پر فرانس پاڪستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو سبب ثابت ٿيندي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ مجموعي طور تي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ تازي ٻوڏ تي حمايت ۽ مدد جي خاطري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرلڪ پاران پاڪستان کي ڀرپور تعاون حاصل ٿيو. ان کانسواءِ ڪشمير تي پاڪستان جو موقف هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪرڻ ۽ دنيا کي اهو باور ڪرائڻ ته پرامن ڏکڻ ايشيا ۽ خطي جي ماڻهن جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو پائيدار ۽ مستقل حل لازمي آهي، ۾ اهم اڳڀرائي ٿي. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي تازي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن ۾ شرڪت سان گڏوگڏ بادشاهه چارلس ٽي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بادشاهه چارلس ٽي وزيراعظم سان ٻوڏ جي تباهين تي افسوس ۽ همدردي جي اظهار سان گڏوگڏ برطانيا پاران ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت جاري وزيراعظم فلڊ ريليف ڪيش پروگرام جي مد ۾ 20 لک خاندانن کي 50 ارب رپين جي ورڇ مڪمل ٿيڻ تي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت، بي آءِ ايس پي ۽ لاڳاپيل عملدارن جي پذيرائي ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ورڇ جي مرحلي ۾ ايندڙ شڪايتن جو فوري ازالو ڪري ڪابينا کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم چيو ته فلڊ ريليف ڪيس پروگرام ۾ شفافيت جو عنصر انتهائي اهميت رکندڙ آهي جنهن کي وفاقي حڪومت يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم سنڌ جي ضلعن ۾ موجود ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪال جي لاءِ اين ايف آر سي سي، پي ڊي ايم ايز، اين ڊي ايم اي، صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتن کي فوري طور تي ٺوس منصوبابندي ۽ عملي قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان حوالي سان ڪابينا کي فرانس پاران اضافي واٽر پمپس جي فراهمي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم ۽ ڪابينا فرانس حڪومت ۽ پاڪستان ۾ فرانس جي سفير جا ٿورا مڃيا. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي 27 جولاءِ 2021ع تي وفاقي ڪابينا ۾ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ موجوده ۽ مستقبل جي ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدي (بي آءِ ٽي/ ٽريٽيز ود انويسٽمينٽ پروويزنز (ٽي آئي پي ايس) جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جي منظوري ڏني. ان حوالي سان 3 وڏا معاهدا خصوصي اهميت رکندڙ آهن. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته مختلف ملڪن سان معاهدن جي حوالي سان هڪ ٺوس، پائيدار ۽ مستقل حڪمت عملي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ اهم آهي. وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي ان حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي ليونگ انڊس انيشيٽيو تحت سمورين لاڳاپيل وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگلت بتلستان حڪومت تي ٻڌل اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي اصولي منظوري ڏني. ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ليونگ انڊس انيشيٽيو ۾ پارليامينٽ پاران تجويزن جي شموليت انتهائي ضروري آهي. وڌيڪ اهو ته منصوبي جي حوالي سان گراس روٽ ليول تي آگاهي جي لاءِ ان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.ليونگ انڊس انيشيٽيو تجويز ڪيل قدمن سان سنڌو درياءَ ۽ ان جي معاون دريائن سان واڳيل قدرتي وسيلن ۽ اقتصادي سرگرمين جي لاءِ موسمياتي تبديلي کان مستقبل ۾ بچاءُ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ ضروري قدم يقيني بڻائيندو. وفاقي ڪابينا صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ربيع جي فصل لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي حڪومت سان حڪومت جي بنياد تي 3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪرڻ جي اجازت جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 7 سيپٽمبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا (اي سي سي) جي 21 سيپٽمبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي جيڪي هلندڙ سال 22 جولاءِ، 19 آگسٽ ۽ 23 آگسٽ تي واپار واري وزارت پاران آفيس ميمورنڊن جي روشني ۾ رڪيل ڪنسائنمنٽس جي ڪليئرنس بابت آهن.