اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر فوزيه سعيد جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس دعائون فوزيه سعيد سان گڏ آهن جيڪا پاڪستان جو اثاثو آهي. واضح رهي ته ڊاڪٽر فوزيه سعيد جي ڪار کي بلوچستان جي دوري دوران پنجگور ويجهو حادثو پيش آيو هو.