اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ڊي ايم جو جلسو اصل ۾ مخالف ڌر جي فارغ سياستدانن جي پڪنڪ هئي، مخالف ڌر جو جلسو بري طرح ناڪام ٿيو، انهن وٽ سواءِ ڳالهين جي قوم جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. پي ڊي ايم جي اڳواڻن جي تقريرن تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته شهباز صاحب! عوام جا کيسا نواز شريف ڪاٽي لنڊن ڀڄي ويو آهي، هن بجلي ٺاهي گهٽ ۽ عوام تي مهانگي بجلي ڪيرائي وڌيڪ، حيران آهيان ته جيل ۾ چيلهه جي سور جي شڪايت ڪندڙ شهباز شريف سوات ۾ جلسو ڪرڻ جي لاءِ بلڪل صحتمند آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جي پوکيل ٻج جي زهريلي فصل اڄ پوري قوم کي ڪاٽڻي پئجي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان جا 5 سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ بهتر ۽ روشن پاڪستان عوام کي ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر طعنيٰ ڏيندي رهي پر 2023ع ۾ شڪست انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته عوام عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي ترقي جي منزل تائين پهچائڻ جو سفر جاري رکندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ان لاءِ هو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، 2018ع جي اليڪشن کانپوءِ سندس طبيعت مسلسل خراب آهي، الله تعاليٰ کيس صحت ڪاملا عطا فرمائي. هن چيو ته مولانا صاحب! شهباز شريف کان ئي پڇي وٺو ته هو ٻڌائي ڇڏي ته وزيراعظم جي اچڻ تي هن اعتراض ڇو ڪيو هو؟ هن چيو ته پي ڊي ايم جو جلسو ان اتحاد کي تخليق ڪندڙ بلاول ڀٽو ۽ اي اين پي کانسواءِ پنهنجي منزل ۽ باني ٻئي وڃائي چڪو آهي.