لاهور – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري خاص معاون جمشيد اقبال چيما چيو آهي ته پاڪستان جا ماڻهو عالمي طئي ٿيل معيار کان 38 سيڪڙو گهٽ خوراڪ کائي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان ان فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، 7 سالن کانپوءِ اسان خوراڪ درآمد ڪندڙ نه پر برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ شامل هونداسين، چولستان کي آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ غريب آبادگار جي جوائنٽ وينچر پاليسي ڏني ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جمشيد اقبال چيما چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ڪيترائي ڏهاڪا حڪومت ۾ رهيون، ڇا انهن جي دورن ۾ زراعت ۾ اهڙي قسم جي سڌارن جي لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي، ويزن رکندڙ ليڊر رڳو پنهنجي 5 سالا دور جو نه پر ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ايندڙ وقت جو سوچيندو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان انهي پاليسي تي گامزن آهي، ان جو سبب اهو آهي ته عمران خان پنهنجي زمين سان ڳنڍيل شخص آهي ۽ سندس پاليسيون ان جي عڪاس آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان کي جتي به موزون جڳهه ميسر اچي رهي آهي اتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جا ننڍا ذخيرا تعمير ڪري رهيا آهيون ۽ موجوده حڪومت پاڪستان ۾ 7 ڏهاڪن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي جيتري صلاحيت هئي ان جي سگهه کي ٻيڻو ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پوٺوهار ۽ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ زمينون موجود آهن پر ڪنهن انهن کي آباد ڪرڻ طرف ڌيان نه ڏنو اسان ان طرف به اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون، چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي آڻي رهيا آهيون جنهن سان ان علائقي کي انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي ۽ ماهرن جون خدمتون ميسر اينديون، ان سان گڏ اسان غريب آبادگارن کي زمينون ڏينداسين، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ غريب آبادگارن جو جوائنٽ وينچر ڪنداسين جنهن سان يقينن مثبت نتيجا نڪرندا.