پشاور – 04 جولاءِ (اي پي پي) قبالي ضلعن سميت خيبرپختونخواهه جا علائقا زيتون جي پوکيءَ لاءِ ايترا ئي موزون آهن جيترا اسپين ۽ اٽلي. ضم ٿيل قبائلي ضلعن سميت خيبرپختونخواهه ۾ زيتون جي پوکيءَ تيزي سان جاري آهي، جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال ٿيندو پر ان سان قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ حاصل ٿيندو، اسلامي لحاظ کان زيتون جو ميوو خاص اهميت رکي ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ لڳايا ويندڙ زيتون جي وڻن سان پورو پاڪستان فائدو کڻندو. دير جي رهائشي محمد خان جو چوڻ آهي ته پنهنجي زمين تي زيتون جي پوکيءَ شروع ڪرڻ آسان نه هو جڏهن ته زراعت کاتي جي آفيس سان مشورن کانپوءِ مون زيتون جي پوکيءَ ڪئي اڄ اسان جي اباڻي زمين تي هڪ لک کان وڌيڪ زيتون جا وڻ موجود آهن، جن مان 22 هزار ميوو ڏئي رهيا آهن، اسان جي خاندان جا 25 ماڻهو ان ۾ حصيدار آهن ۽ هر حصيدار کي ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 10 لک کان 20 لک ملي رهيا آهن. محمد خان ٻڌايو ته ڪيترن ئي وڻن تي قلم ڪاري ڪئي وئي، ٽن هفتن جي اندر ئي انهن وڻن تي ڪونپلون ڦٽي آيون جڏهن ته ڪيترن ئي سئو وڻن تي مختلف قسم جي بهترين قسم جو زيتون ميويدار ٿيو هو. پر اسان کي اڃا به خبر نه هئي ته ميوو ته اچي چڪو آهي ۽ هاڻي ان جو ڪرڻو ڇا آهي.
هن ٻڌايو ته شروعاتي مشڪلاتن کانپوءِ هاڻي هو نه رڳو تيل حاصل ڪن ٿا پر ان سان ٻين شين جن ۾ مربو، آچار، زيتون جي پتن جو قهوه وغيره شامل آهي، کي به تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا. ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ باجوڙ جي ضلعي ڊائريڪٽر ضياءَ اسلام داوڙ جو چوڻ آهي ته عالمي ماهرن سروي ۾ ٻڌايو آهي ته باجوڙ زيتون جي پوکيءَ لاءِ اٽلي ۽ اسپين وانگر ئي موزون آهي، انهي لاءِ خيبرپختواهه حڪومت اوليور پروڊڪشن اينڊ پروموشن ٽرائبل ڊسٽرڪٽ باجوڙ اسڪيم جوڙي جنهن تحت جنگلي زيتون ۾ پيوندڪاري ۽ آرچرڊ لڳائڻو آهي، ان اسڪيم تحت باجوڙ ۾ اٽڪل 2 لک 50 هزار جنگلي زيتون جي پيوندڪاري ڪئي وئي ۽ 150 ايڪڙ تي زيتون جا باغ هنيا ويا. ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ باجوڙ جي فيلڊ اسسٽنٽ طور گل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکيءَ اٽڪل ڏهاڪو اڳ ان وقت شروع ٿي جڏهن ته باجوڙ ۾ زيتون جي پوکيءَ منصوبو شروع ٿيڻ تحت جنگلي زيتون جي پيوندڪاري ڪئي وئي ڇو ته اهو قسم رڳو جابلو ۽ کڙدري سطح زمين تي ڪامياب آهي. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ اٽلي مان ايندڙ زيتون جا قسم پاڪستان جي آبهوا جي لاءِ نه رڳو موزون آهن پر ان سان تيل جي پيداوار ۾ پڻ بهتري آئي آهي.
هن چيو ته باجوڙ سميت ضم ٿيل علائقا زيتون جي پوکيءَ لاءِ انتهائي زرخيز ۽ ڪارائتا آهن، زيتون ڊسمبر کان وٺي فيبروري دوران آرام ملڻ کانپوءِ ان ۾ ميوو اچي وڃي ٿو ۽ ان جي وڌڻ جي لاءِ ضروري آهي ته 10 کان وٺي منفي 2 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد دستياب هجي، هن چيو ته جنگلي زيتون تي ميوو دير سان اچي ٿو جڏهن ته پيوندڪاري ذريعي ميوو اچڻ جو وقت گهٽ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ ضروري آهي ته زيتون جي بهترين قسم جي ان ۾ پيوندڪاري ڪئي وڃي ۽ سٺي طريقي سان ان جي سارسنڀال ڪئي وڃي ته پنجين يا ڇهين سال ان تي ميوو اچي ويندو. هن چيو ته جنگلي زيتون جو داڻو ننڍو هوندو آهي ۽ تيل به ان جي اندر گهٽ هوندو آهي.
اسپين، وچ ايشيا ۽ اٽلي مان جيڪڏهن بهترين قسم جي زيتون جي هتي پيوندڪاري ڪئي وڃي ته کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته مختلف مقصدن جي لاءِ پراسز به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته زيتون جي پوکيءَ نه رڳو باجوڙ، ضم ٿيل ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي زميندارن جي لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي پر انهن جي آمدني ٻيڻي کان ٽيڻي ٿي سگهي ٿي. سبز انقلاب طرف خيبرپختونخواهه هڪ ٻيو اهم قدم وڌايو ۽ صوبي ۾ وڏي انگ ۾ زيتون جي پوکيءَ جو وڏو منصوبو ٺاهيو جنهن تحت صوبي ۾ ساليانو 7 ارب ڪلو کاڄرو زيتون جي پيداوار جو امڪان آهي. ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ٻڌايو ته هاڻي خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي ۾ وڏي پئماني تي زيتون جي پوکيءَ شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن تحت رڳو ضلعي دير ۾ زيتون جي سٺي نسل جا 5 قسم پوکي سگهجن ٿا. هن چيو ته قبائلي ضلعن ۾ جنگلي زيتون جا 3 ڪروڙ 60 لک وڻ جڏهن ته صوبي ۾ مجموعي طور تي زيتون جا 7 ڪروڙ وڻ موجود آهن.
هن چيو ته زيتون سان ساليانو 14 ارب رپين تائين آمدني ٿي سگهي ٿي، صوبي جي باراني علائقن ۾ 30 ڪروڙ نوان ٻوٽا ۽ کاڄرو زيتون جا 40 لک ٻوٽا پشاور جي مختلف علائقن ۾ لڳائي سگهجن ٿا. سندس چوڻ هو ته جنگلي زيتون ۾ اعليٰ ڪوالٽي جي قلمڪاري ڪئي ويندي ۽ کاڄرو زيتون جي منصوبي جي سارسنڀال زراعت کاتي جي ذميواري هوندي ۽ زيتون جي پوکيءَ جي حوصلا افزائي جي لاءِ حڪومت زيتون جو ميوو خريد ڪندي. شاهه فرمان وڌيڪ ٻڌايو ته زراعت کاتي جا اهلڪار زمين جي معائني کانپوءِ زيتون جي قسم تجويز ڪندا، کاڄرو زيتون منصوبي جي ڪاميابي سان بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ٿيندو، گورنر هائوس ۾ تجرباتي ٻوٽو لڳايو ويو، 5 وڻن پهرين ئي سال 50 ڪلو ميوو ڏنو ۽ وڻن تي لڳندڙ زيتون جو آچار ٺاهيو ويو.