اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه صحت ڪارڊ پلس پروگرام تحت 250439 مريضن کي بلڪل مفت علاج جي فراهمي تي خيبرپختونخواهه جي عوام ۽ صوبائي حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن طرف اسان وڌي رهيا آهيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته تمام گهڻي مبارڪباد خيبرپختونخواهه، خيبرپخونخواهه صحت ڪارڊ پلس تحت 250439 مريضن کي بلڪل مفت علاج مليو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن طرف اسان وڌي رهيا آهيون، جنهن جو خواب علامه اقبال ۽ جناب قائداعظم ڏٺو.