APP34-020521 ISLAMABAD: May 02 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting to discuss country's overall Economic condition and forthcoming budget. APP

اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته اڳتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبا جوڙيا وڃن ۽ مهانگائي جي شرح کي روڪڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايندڙ بجيٽ ۽ ملڪي معيشت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان پارٽي جي سينيئر قيادت کان تجويزون طلب ڪيون ويون. اجلاس ۾ ملڪي معيشت، مهانگائي کي روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.