APP05-020321 ISLAMABAD: March 02 - President Dr. Arif Alvi addressing the certificate distribution ceremony of Aerospace and National Security Workshop (AERONS-21). APP

اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي دشمن جي روايتي ۽ هائبرڊ حملن جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي تيارين سان گڏوگڏ هائبرڊ جنگي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، معاشري جي سڀني طبقن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ايئرفورس هيڊڪوارٽر (پي اي ايف) ۾ پهرين ايرو اسپيس اينڊ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ايرون 2021ع جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، سرڪاري ملازمن ۽ صحافين سميت 36 ماڻهن شرڪت ڪئي. 22 فيبروري کان 2 مارچ تائين جاري رهندڙ ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجن، اسٽريٽجڪ خودمختياري ۽ معاشي پاڻڀرائپ تي ڌيان ڏنو ويو. صدر داڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايرو اسپيس ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، ورڪشاپ ۾ مستقبل جي چئلينجن تي قومي مذاڪرو ٿيو. هن چيو ته قوم تڏهن بڻجندي آهي جڏهن معاشري جي هر طبقي جا مسئلا حل ٿين، اسان کي دشمن جي روايتي حملن سان گڏوگڏ هائبرڊ حملن جو به ٽوڙ ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته عالمي سياست ۽ پاليسين ۾ مسلسل تبديليون ٿي رهيون آهن، قومي سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ جديد طريقن تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اهم آهي. هن چيو ته انفارميشن نيٽ ورڪس بابت ڊيجيٽل حملن ۽ وائرس بمن جي استعمال جي خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، گوگل ۽ فيس بڪ جهڙين ڪمپنين سميت انٽيلڪچوئل طاقت ملڪن، گڏيل قومن ۽ دنيا جي پارليامينٽس تي اثرانداز ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا جي صورت ۾ عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيندو پيو وڃي. سوشل ميڊيا جي منفي اثرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انفرادي سطح تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عالمي سياسي صورتحال ۽ پاليسيون تيزي سان بدلجنديون رهن ٿيون. هن چيو ته نئين سيڪيورٽي اتحاد جي ڏس ۾ عالمي منظرنامو هر لمحي تبديل ٿي رهيو آهي، اسان کي بدلجندڙ عالمي صورتحال موجب پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو.