اسلام آباد _ 01 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 4 فيبروري کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم پاڪستان کي سيريز ۾ 0_1 جي برتري حاصل آهي. ڪراچي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ گرين ڪيپس 7 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. پاڪستاني ٽيم بابر اعظم جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي قيادت ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ انجام ڏيندو.