APP73-010221 ISLAMABAD: February 01 – President Dr. Arif Alvi chairing a meeting on ‘Brand Pakistan’ at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ڪاميابي جي داستان کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ”برانڊ پاڪستان“ مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي جيو معاشي پوزيشن ۽ ثقافتي ۽ سياحتي صلاحيت سان گڏوگڏ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ۽ سيڙپڪار پاليسين کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن جي وچ ۾ ٺوس اطلاعاتي نظام تيار ڪرڻ گهرجي. هو”برانڊ پاڪستان“ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، نيشنل سيڪيورٽي واري خاص معاون معيد يوسف، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، واپار واري وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاميابي جو داستان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ”برانڊ پاڪستان“ مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جيو معاشي پوزيشن، ثقافتي ۽ سياحتي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ۽ سيڙپڪاري جون پاليسيون اجاگر ڪرڻ سان ملڪ جي تاثر ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.