اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سبسڊيز جي فائدي کي وڌائڻ بابت سفارشون جوڙڻ جي لاءِ خاص سيل جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سبسڊي جو مقصد غريب ۽ مستحق ماڻهن کي مدد ۽ رليف ڏيڻ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سبسڊي جي رقم مڪمل طور تي شفاف طريقي سان نه رڳو ضرورتمندن کي ميسر اچي پر وڌ کان وڌ ماڻهو ان سهولت مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن معيشت بابت مختلف معاملن جي حوالي سان قائم ٿنڪ ٽينڪ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، عمر ايوب خان، صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ نديم بابر شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين، سلطان علي الانه، عارف حبيب ۽ اعجاز نبي پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. معيشت بابت ٿنڪ ٽينڪ قائم ڪرڻ جو مقصد اهم معاشي ايشوز تي غور ڪرڻ ۽ ان حوالي سان سفارشون ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ بجلي، گئس، فرٽيلائيزرز، يوٽيلٽي اسٽورز، ايڪسپورٽس، هائوسنگ، احساس، اين ايڇ اي ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي حوالي سان بجيٽ ۽ بجيٽ کانسواءِ ڏني ويندڙ سبسڊيز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.