اسلام آباد  – 20 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل احساس پروگرام جو مقصد ملڪ مان غربت گهٽائڻ سميت معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ۽ انهن کي مالي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، جيڪو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، گذريل 72 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ايڏي وڏي پئماني ۽ وڏي بجيٽ جو عوامي ڀلائي ۽ غربت گهٽائڻ جو پروگرام شروع ناهي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شروع کان ئي غربت جي خاتمي، معاشري جي غريب طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ، تعليم جي فروغ ۽ انساني ۽ قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال تي زور ڏئي رهيو آهي ۽ اهي نقطا پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو به اهم حصو آهن. وزيراعظم عمران خان غربت جي خاتمي معاشري جي ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ، تعليم جي فروغ، انساني ۽ قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال جي لاءِ پاليسي سازي تي ڌيان ڏنو ۽ هن اهم ايجنڊا جي پڄاڻي لاءِ هن 27 مارچ 2019ع تي احساس پروگرام جاري ڪيو، وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار چين جو مثال ڏيندو رهيو آهي ته ڪهڙي طرح چين غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذريندڙ تقريبن 70 ڪروڙ آبادي کي غربت مان ڪڍيو جنهن سان چين ترقي جي راهه تي گامزن ٿي دنيا جي سڀ کان وڏي معاشي طاقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ان سوچ کي نظر ۾ رکندي هن احساس جهڙو گهڻ رخو پروگرام شروع ڪيو ته جيئن غريبن خاص طور تي عورتن کي غربت مان ڪڍيو وڃي، غريب طبقن جي ذهين ٻارن جي لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان نوڪري ڳولڻ لاءِ ڪاروبار ۽ انٽرپرينوريرشپ طرف متوجهه ٿين، ماضي ۾ جاري ڪيل غربت گهٽايو پروگرام ۾ سمورو ڌيان روڪ ادائيگين طرف هيو ۽ ان مان به وڏي رقم حقيقي حقدارن تائين نه پهچندي هئي ان جو سڀ کان وڏو مثال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آهي جنهن کي شفاف ترين پروگرام ڏنو ويندو رهيو آهي، پر موجوده حڪومت نادرا جي ڊيٽا مان ان جي جاچ ڪرائي ته ان کي 8 لک ماڻهن جو پتو پيو جيڪي ڪنهن به طور تي مستحق نه هئا ۽ انهن ۾ سرڪاري آفيسرن سميت وڏي تعداد ۾ سرڪاري ملازم ۽ انهن جا گهرڀاتي شامل هئا، جنهن کي ضرورتمندن جي فهرست مان ڪڍيو ويو، ان تجربي جي روشني ۾ احساس تحت ادائيگين ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وئي آهي ۽ نادرا جي ڊيٽا کان مڪمل اسڪرونٽي کانپوءِ ئي ماڻهن کي احساس پروگرام مان فائدي وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.