اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا بابت تازا ۽ تصديق ٿيل انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، 2 لک 8 هزار 30 ڄڻا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا آهن، اين سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ 52 هزار 427 ڪورونا ايڪٽو ڪيسز آهن، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽيليٽرز تي نه آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 17 هزار 787 ٽيسٽ ٿيا، جن مان هزار 87 نوان مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڌيڪ 40 ڪورونا مريض لاڏاڻو ڪري ويا، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب مارجي ويلن جو تعداد 5 هزار 639 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ سنڌ جا 7069، پنجاب جا 7003، ڪي پي ڪي جا 1845، اسلام آباد جا 1452، بلوچستان جا 104، گلگت بلتستان جا 63 ۽ آزاد ڪشمير جا 247 ٽيسٽ شامل آهن، ملڪ جي مختلف حصن ۾ 1825 وينٽيليٽرز ڪورونا مريضن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، 261 مريض وينٽيليٽرز تي آهن، هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مجموعي متاثرين جو تعداد 2 لک 66 هزار 96 آهي، ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 2434 ڪورونا مريض علاج هيٺ آهن.