اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ناليج اڪانومي جي فروغ، سيرت النبي صه تي تحقيقي سينٽر قائم ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم جي حوالي سان مختلف تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان (وڊيو لنڪ ذريعي)، پروفيسر شعيب خان ۽ راشد خان شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ هري پور هزاره ۾ پاڪ آسٽرئين فاخوشولي (Pak – Austrian Fachhochschule) قائم ڪرڻ، سيرت النبي صه سينٽر، انڊسٽري ۽ يونيورسٽين ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن جي لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ، تعليم جي فروغ جي لاءِ انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته سيرت النبي صه سينٽر کي جلد کان جلد مڪمل ڪري فعال بڻايو وڃي ته جيئن سيرت النبي صه جي حوالي سان تحقيقي سرگرميون شروع ڪري سگهجن. اعليٰ تعليم خاص طور تي ناليج اڪانومي، مصنوعي ذهانت ۽ انڊسٽري ۽ يونيورسٽين ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن جي حوالي سان ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ بابت منصوبن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جديد تعليم جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي.