اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي اسپتال منتقلي جي افسوسناڪ خبر ملي آهي، پاڪستان جي عوام حڪومت ۽ آئون پنهنجي سعودي ڀائرن سان سندس جلد صحتيابي، بهتر صحت ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ ڪيل دعائن ۾ ساڻس گڏ آهيون، رب پاڪ اسان جون دعائون قبول فرمائي.