APP43-22 NEW YORK: September 22 - US Special Representative for Afghanistan Reconciliation Ambassador Zalmay Khalilzad called on Prime Minister Imran Khan. APP

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان ۾ مفاهمتي عمل جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ آمريڪا گڏيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان آمريڪي سفير زلمي خليل زاد جي افغانستان جي پرامن سياسي حل جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.