APP28-31 UMERKOT: August 31 – Foreign Minister Shah Mehmood Qureshi addresses a public gathering organized by Hindu Community at Shiv Mandir. APP photo by Akram Ali

عمرڪوٽ – 31 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت نٿو چاهي ته ڪشمير آزاد ٿي پر اسان ڪري ڏيکارينداسين، فتح سچ جي ٿيندي ۽ نيٺ يزيدي حڪومت ختم ٿيندي، برلن جي ڀت ڪري سگهي ٿي ته لائين آف ڪنٽرول به ٽٽي سگهي ٿي، ارادا اٽل هجن ته ڪاميابي قدم چمندي. اهڙو اظهار هن عمرڪوٽ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته اڄوڪو جلسو سياسي نويت جو ناهي، اسين هتي ڪشميرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هڪ حڪم تي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.