APP01-31 ISLAMABAD: August 31 – Advisor to Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shiekh calls on Speaker National Assembly Mr. Asad Qaisar on Saturday. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي آبادگار دوست پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، معاشي پاليسين ۾ عام ماڻهو جي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏني وڃي. ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو ويو آهي، ڪمزور معيشت موجوده حڪومت کي ورثي ۾ ملي، حڪومت ان جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ اسپيڪر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.