اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) توانائي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران آچر 11 آگست جي شام کان وٺي اربع 14 آگسٽ جي شام تائين سڄي ملڪ ۾ لوڊمنجمنٽ نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير پنهنجي ٽويٽ پيغام ۾ چيو ته توانائي واري وزارت طرفان عيدالاضحى جي موقع تي 11 آگسٽ جي شام کان وٺي 14 آگسٽ جي شام تائين ملڪ ۾ لوڊمينجمنٽ نه ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به قسم جي خرابي جي صورت ۾ اسان جي ٽيمون هر وقت تيار آهن جيڪا صارفين جي اطلاع تي بجلي جي بحالي لاءِ فورن ڪم ڪندي ۽ ان حوالي سان عيد جي ڏينهن لاءِ خاص ڊيويٽون ۽ مانيٽرنگ جو انتظام ڪيو ويو آهي.