اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چين جي دوري تان واپسي کان فورن بعد ڪالهه پرڏيهي آفيس ۾ اڳوڻن سيڪريٽرين جو مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ اڳوڻي نامياري پرڏيهي سيڪريٽري منير اڪرم سميت موجوده پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي جارحيت، بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سميت خطي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، ان کان اڳ پرڏيهي وزير اڳوڻن سيڪريٽرين کي پنهنجي چين جي تازي دوري ۽ پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٿيندڙ ملاقات جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.