
اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ گجرات کي برآمدي صنعتن جي حوالي سان گولڊن ٽرائي اينگل بڻائڻ جو اعلان ڪندي ان عزم کي ورجايو آهي ته اقتصادي استحڪام ۽ سڌارن ۽ ٽيڪس جي بنياد ۾ سگهه جي لاءِ پڻ ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، ڪو به دٻاءُ يا هڙتال اسان کي سڌارن جي عمل کان پٺتي نه ٿي هٽائي سگهي، پٺتي هٽڻ ملڪ ۽ قوم سان غداري هوندي، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارا آڻيندي خودڪار نظام آندو ويندو، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ هڪ موثر ۽ فعال پاليسي سان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، ان حوالي سان سمورين ڌرين ۽ سيڪيورٽي ايجنسيز کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، ٻاهرئين ملڪ منهنجي ڪا به جائيداد نه آهي ۽ نه ئي ڪو اڪائونٽ آهي، اڳوڻن حڪمرانن مني لانڊرنگ ذريعي پئسو ٻاهرئين ملڪ موڪلي ملڪيتون ٺاهيون آهن انهن جو احتساب بند نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اهتمام هيٺ فرسٽ گوجرانوالا ايڪسپو 2019ع ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ صنعتڪارن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.