APP46-08 ISLAMABAD: July 08 – Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding Issues in Airport Management, at PM Office. APP

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هوائي اڏن تي ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرينس جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، ايئرپورٽس تي مقرر مختلف ادارن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن مسافرن کي مختلف مرحلن دوران ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن اها هدايت ايئرپورٽس جي بهتر انتظام خاص طور تي مسافرن کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪئي.