مڪه مڪرمه -02 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت جي ترجمان ڪرنل طلال بن الشلهوب چيو آهي ته سيڪورٽي ادارن حج ضابطن جي خلاف ورزين تي مقرر ڪيل سزائن تي عمل در آمد شروع ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مڪي شريف ۾ عوامي لاءِ آگاهي ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ڪردار جي عنوان سان منعقد سيمينار ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي گهرو وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته حج جي ادائيگي لاءِ پرمٽ جو شرط لازمي آهي جيڪو به پرمٽ بنا مڪي شريف يا مشاعر مقدسه ۾ داخل ٿيندو يا اتي قيام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رو اهو قانون جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيندو جنهن تي 20 هزار ريال جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. ترجمان جعل سازن ۽ فرضي حج خدمتن جي حوالي سان اشتهاري مهم هلائڻ وارن کان هو شيار رهڻ جي به تلقين ڪئي جيڪي مشاعر مقدسه ۾ رهائش ۽ حج قرباني جي حوالي سان به غلط اشتهاري مهم ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪن ٿا. ڪرنل الشلهوب وڌيڪ چيو ته حج وزارت مڪه روٽ جي عنوان سان جيڪو قدم کنيو آهي اهو مملڪت جي ويزن 2030 جي هدف ۾ شامل آهي. هن وقت ستن ملڪن مان آيل پانڌيئڙن کي ”مڪه روٽ “ قدمن تحت بهترين خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هيستائين 9 لک 40 هزار پانڌيئڙن کي سندن ملڪ ۾ رهندي ئي اميگريشن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.