اسلام آباد- 02 مئي (اي پي پي) پناهگيرن ۽ پناهگيرن جي اقتصادي پاليسين ۾ بهتري سبب اقتصادي استحڪام جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، بهتر مستقبل جي ڳولا، مقامي تڪرارن ۽ قدرتي آفتن سبب گذريل ٽن ڏهاڪن دوران لڏپلاڻ جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي رپورٽ مطابق انساني تاريخ ۾ ڪاميابي لاءِ لڏپلاڻ هميشه کان ئي هڪ قدم رهيو آهي. عالمي سطح تي بهتر مستقبل جي ڳولا، مقامي تڪرارن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ گذريل سال ۾ 300 ملين کان وڌيڪ ماڻهن لڏپلاڻ ڪيو. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق 1995ع جي ڀيٽ ۾ اسريل ملڪن ۽ ايمرجنگ مارڪيٽس جي لڏپلاڻ جي شرح اٽڪل ٻيڻي تائين وڌي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تازن ڪجهه سالن ۾ قانون طور تي لڏپلاڻ ڪرڻ جي حوالي سان قانوني رڪاوٽن سبب غير قانوني پناهگيرن ۾ اضافو ٿيو آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته اسريل ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ لڏپلاڻ جي قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪري غير قانوني هجرت ۾ گهٽتائي آڻي سگهن ٿا.