مڪه مڪرمه – 2 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي آهي ته ”نسڪ ڪارڊ “ سرڪاري حج اجازت نامو آهي ان کي هميشه پاڻ سان گڏ رکو . پرڏيهي ميڊيا مطابق حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج سيزن دوران مڪه مڪرمه ۽ مشاعر مقدس ۾ حاجين جي چرپر کي منظم رکڻ ۽ کين هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نسڪ ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي ، جيڪو سرڪاري حج اجازت نامي جي حيثيت رکي ٿو جنهن ۾ حاجين بابت سمورا تفصيل موجود آهن جنهن ۾ مڪي شريف ۽ مدينه منوره ۾ سندن رهائشي عمارتن جي ايڊريس، حج خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جا تفصيل ۽ مشاعر مقدس (منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه) ۾ عارضي رهائش جي هنڌن بابت معلومات موجود آهي. نسڪ ڪارڊ ذريعي حج پانڌيئڙن جي سڃاڻپ ۾ آساني ٿيندي ان کان علاوه اهي حاجي جيڪي پنهنجي رهائشي هنڌ کي ڳولي نه سگهندا آهن ان ڪارڊ ۾ موجود تفصيلن مان کين منزل تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي.