اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان زوم ملاقات ڪئي، حڪومتي معاشي استحڪام ۽ سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ملڪ جي پائيدار ترقي تي زور ڀريو ۽ معاشي سڌارن ۽ معاشي ترقي ۾ خانگي شعبي جي اھم ڪردار تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينھن اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس جي عھديدارن ۽ ميمبرن سان زوم گڏجاڻي ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير حڪومت جي معاشي سڌارن واري ايجنڊه ۽ پائيدار، مستحڪم ۽ جامع ترقي لاءِ جاري عزم تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير معيشت کي اٽرائتو، شفاف ۽ جوابده بڻائڻ لاءِ ٽيڪس، توانائي، عوامي ماليات ۽ سرڪاري ادارن سميت اھم شعبن ۾ جاري سڌارن بابت ڳالھيون ڪيون. ھن چيو ته مالي نظم و ضبط، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ بھتر ھم آھنگي ۽ سڌاران واري ادارن ذريعي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نمايا اڳڀرائي ٿي آھي، انھن قدمن جو مقصد اھڙي معيشت جوڙڻ آھي جيڪا ڏيھي ۽ پرڏيھي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگھي. ناڻي واري وزير ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نه رڳو معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ چاھي ٿي پر خانگي شعبن کي ترقي جو اھم محرڪ بڻائڻ لاءِ به پرعزم آھي. ناڻي واري وزير او آءِ سي سي آءِ جي سفارشن کي قدر جوڳو قرار ڏيندي بجيٽ جي تياري جي عمل کي يقيني بڻايو. او آءِ سي سي آءِ عالمي شرڪتدارن سان حڪومت جي اثرائتي ڳالھه ٻولھه ۽ سڌارن وارن قدمن کي ساراھيو. چيمبر ٽيڪس بنياد کي وڌائڻ، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي رابطن ذريعي نظام کي اثرائتو بڻائڻ ۽ خانگي شعبي سان مستقل صلاح مشوري کي ھٿي وٺرائڻ جون سفارشون به پيش ڪيون. چيمبر جي عھديدارن گذريل سال دوران بزنس ڪانفيڊنس سروي ۾ ڪاروباري ماحول بابت ھاڪاري رجحان سامھون اچڻ جو ذڪر ڪيو. ھن اميد ظاھر ڪئي ته تازي معاشي بھتري سبب ايندڙ مھينن ۾ سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ بھتر موقعا پيدا ٿيندا.