APP61-24 ISLAMABAD: June 24 – Bashir Khan (MNA), Mehboob Shah (MNA), Sher Akbar (MNA), and Sibghat Ullah (MNA) called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن جي عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، ضم ٿيل علائقن ۾ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان خدشن تي غور ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه ضم ٿيل علائقن (اڳوڻي فاٽا) سان تعلق رکندڙ سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران چئي.