APP21-31 ISLAMABAD: May 31 – Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan addressing the cheque giving ceremony to Ads Agencies at PID Media Center APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان اشتهارن جي مد ۾ رهتن جي پهرين قسط 19 ڪروڙ روپيا جاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم طرفان اهو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ عيدالفطر جو تحفو آهي.، هُو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا مالڪن کي اشتهارن جي ادائيگي جي سلسلي ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.