APP05-30 KARACHI: March 30 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of Karachi Transformation Committee in the city. APP

ڪراچي – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي جي ترقي ۽ مسئلن جي خاتمي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ منصوبا نه ٺاهي رهي آهي پر اسان ڪراچي جي مسئلن جي مستقبل حل جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.