APP116-13 ISLAMABAD: March 13 - Prime Minister Imran Khan in a meeting with representatives of Sikh and Hindu communities, at PM Office. APP

اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اويڪيو ٽرسٽ بورڊ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جا پاليسي معاملا هڪ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي حوالي ڪيا ويندا، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بورڊ آف مئنيجمينٽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري شفاف ۽ مقابلي واري طريقي سان ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي سک ۽ هندو برادري جي نمائندن سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو.