APP80-02 ISLAMABAD: February 04 - Prime Minister Imran Khan addressing the launching ceremony of 'Sehat Insaf Card' at PM's Office. APP

اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته هيٺئين طبقي کي روزگار، تعليم، صحت ۽ انصاف جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ مڪل ٺوس نظام متعارف ڪرايو ويندو، ڪنهن به معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقي جي ڀلائي تي ڌيان ڏنو وڃي، موجوده حڪومت ان حوالي سان موثر قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم آفيس ۾ مستحق ماڻهن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.