APP49-24 ISLAMABAD: December 24 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing a press conference along with Special Assistant to the Prime Minister on Accountability Shahzad Akbar. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ آصف علي زرداري ۽ اومني گروپ جي جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي منتقلي ثابت ٿي چڪي آهي، ان ڪيس جي سمورن ڪردارن تي 16 جدا جدا ريفرنسز داخل ۽ اثاثا منجمند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.