APP37-07 ISLAMABAD: August 07 - President Mamnoon Hussain chairing the 8th meeting of Steering Committee for Federal Government Artists Welfare Fund at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چئني صوبن سان تعلق رکندڙ ضرورتمند آرٽسٽن، اديبن ۽ فنڪارن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن اها منظوري فيڊرل گورنمينٽ ويلفيئر آرٽسٽس فنڊ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اٺين اجلاس ۾ ڏني جيڪو ايوان صدر ۾ ٿيو. صدر چيو ته هو پنهنجي دور جي آخري اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي.