اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر دهشتگردي جي فنانسنگ جي خاتمي جي ڪوششن جي حوالي سان پاڪستان جي پختي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ناڻي واري وزارت ان سلسلي ۾ اداراجاتي مڪينزم کي بهتر بڻايو آهي. هو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي پيرس ۾ رٿيل ايندڙ گڏجاڻي جي ڏس ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي. پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه پڻ ان موقعي تي موجود هئا.