اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان مسلمان امت جي اتحاد کي فروغ ڏيڻ لاءِ سفارتي قدمن جي حمايت ڪندو رهندو، پاڪستان سمورن مسلمان ملڪن جي وچ ۾ پرامن ۽ دوستاڻن لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، انهي جذبي تحت سدائين مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل جي لاءِ پنهنجون خدمتون ۽ حمايت جي آڇ ڪئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ٻڌايو ته پاڪستان جي وزيراعظم سعودي عرب ۽ ايران جو دورو ان وقت ڪيو جڏهن ايران ۾ سعودي سفارتي مشن تي حملي جي ڏس ۾ سعودي عرب ايران سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا.