ڊيووس – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نوازشريف سان پراڪٽر اينڊ گيمبل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ ٽيلر هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي بهتري جو ڪريڊٽ موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وزيراعظم محمد نوازشريف سان ملاقات دوران پراڪٽر اينڊ گيمبل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيوڊ ٽيلر چيو ته پاڪستان ماضي جي ڀيٽ ۾ مڪل طور تي مختلف ملڪ آهي ۽ هو سڄي دنيا جي ڪاروباري طبقي لاءِ هڪ پرڪشش جاءِ آهي.