ڊيووس – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ نئين پرڪشش منزل آهي جتي سيڪيورٽي ۽ پرڪشش منافعو انهن جو منتظر آهي. هو عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيوٽ آفيسر جوزوينالز سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.