اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته آزمائش ۽ تڪليف جي هن گهڙي ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي رحمت جي ڇانو جا طلبگار آهيون، چونڊيل نمائندي جي حيثيت سان اسان تي فرض آهي ته اسان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي تعليم جي روشني ۾ قوم جي رهنمائي ڪيون. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات ۾ ڳالهائيندي هن چيوته ربيع الاول جي مقدس مهيني جي شروعات ٿي چڪي آهي. هلندڙ سال هن مهيني جي اهميت ان لحاظ کان به تاريخي آهي جو خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جو  1500 سالا جشن ولادت باسعادت آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ هن بابرڪت مهيني ۽ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي سلسلي ۾ روشنين، نمائشن، ميلاد شريف ۽ ٻين تقريبن جو هڪ جامع پروگرام جوڙيو هو، جڏهن ته گذريل ٻن هفتن دوران ملڪ کي طوفاني برساتن، ڪڪرن جي ڦاٽڻ ۽ هندستان طرفان درياهن ۾ اوچتو پاڻي ڇڏڻ سبب تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي کان پوءِ هاڻي هي سپر فلڊ سنڌ طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته آزمائش ۽ تڪليف جي هن گهڙي ۾ پوري قوم ڏکويل آهي. اهڙي وقت ۾ اسان سڀ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي رحمت جي ڇانوَ جا طلبگار آهيون.  سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ هائوس ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي سلسلي ۾ هڪ سادي پروقار پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اسپيڪر سمورن ايم اين ايز کي اپيل ڪئي ته ربيع الاول جي هن مقدس مهيني کي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪن. هن چيو ته هي وقت سياسي ويڇن جو نه پر قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو آهي.ه ن انهن تي زور ڀريو ته عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي 1500 سالا جشن کي سادگي ۽ سنت نبوي صلي الله عليه وسلم جي شان موجب ملهايو وڃي.