اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي دوري دوران اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جي پراجيڪٽ کي تيز ڪرڻ، 126 ڪمرن تي ٻڌل 11 ماڙ هاسٽل جي تعمير کي پنجن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ، تربيت هيٺ آفيسرن جي ايف آءِ اي، فرانزڪ ايجنسي ۽ ٻين ادارن  سان اٽيچمينٽ جي فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ نيشنل ڪمانڊ ڪورس مڪمل ڪندڙ اي ايس پيز کي ايم ايس ڪرمنالاجي ۽ پوليس اسٽڊيز جي ڊگري ڏيڻ جي منظوري سميت ڪيترن ئي اهم قدمن جو اعلان ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تعمير ٿيندڙ هاسٽل جي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ هدايت ڏني ته اڏاوتي رفتار سان گڏ  معيار تي به ڪنهن قسم جو سمجهو نه ڪيو وڃي. هن سوئمنگ پول جو دورو ڪيو، تربيت هيٺ آفيسرن وچ ۾ ٿيندڙ سوئمنگ مقابلو ڏٺو ۽ پروبيشنرز  ۽ انسٽرڪٽرز جي همٿ افزائي ڪئي. بعد ۾ گهرو وزير تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ڪلاس رومز جو به دورو ڪيو ۽ ساڻن ملاقات ڪئي ۽ آفيسرز ميس ۾ اي ايس پيز سان ويهي کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو. محسن نقوي تربيت وٺندڙ آفيسرن جون تجويزون پڻ ٻڌيون ۽ سهولتن ۾ بهتري جي حوالي سان قدمن جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ اداري جي نئين سر تنظيم ساز ي۽ گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد  جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تربيتي پروگرام ۾ ٿاڻن جا باقاعده دورا، سيف سٽي پراجيڪٽ، ايف آءِ اي، سائبر ڪرائيم ۽ فرانزڪ جي شعبن  ۾ اٽيچمينٽ شامل ڪئي وئي آهي. تربيت حاصل ڪندڙ اي ايس پيز نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ سهولتن جي بهتري تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو. دوري جي موقعي تي ڊپٽي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ميمبر انجنيئرنگ سي ڊي اي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.