ينگون – 22 آگسٽ (اي پي پي) ميانمار جي ساگائنگ ريجن ۾ 5.2 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسميات ۽ هائيڊرولاجي کاتي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن صبح جو 11 لڳي 26 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 22 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ هو.