راولپنڊي – 27 – جون (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابي جي لاءِ عوام، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ مضبوط تعلق لازمي آهي، اسان ڀارت کي واضح پيغام ڏيون ٿا ته پاڪستان نه اڳ ۾ ڀارت جي هڪهٽي قبول ڪئي ۽ نه ڪڏهن ڪندو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابي جي لاءِ عوام، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ مضبوط تعلق لازمي آهي، رياست جي سمورين اڪائين جي وچ ۾ هم آهنگي جو بنياد پاڪستان جي انتظاميا ۽ سول بيوروڪريسي آهي، ان جي وڏي ۽ اهم ذميواري توهان تي لاڳو ٿئي ٿي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته معرڪه حق ۾ رياست جي سمورين اڪائين مثالي هم آهنگي جو مظاهرو ڪيو، معرڪه حق ۾ پاڪستان ڪسمير لائين آف ڪنٽرول کان وٺي سامونڊي ڪنارن تائين ڀارت جي بنا جواز جارحيت جي خلاف بهترين جواب ڏنو، الله معرڪه حق ۾ اسان جي مدد ڪئي ڇو ته اسان حق تي هئاسين. هن چيو ته پاڪ فوج موجوده دور جي جنگي گهرجن موجب پنهنجو پاڻ کي هر وقت تيار رکي ٿي، اسان ڀارت کي واضح پيغام ڏيون ٿا ته پاڪستان نه اڳ ۾ ڀارت جي اجاره داري قبول ڪئي ۽ نه ڪڏهن ڪندو، دهشتگردي ڀارت جو اندروني مسئلو آهي جيڪو ان جو پنهنجي اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي معتصباڻي ۽ ظالماڻي روين جو نتيجو آهي، خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ڀارت آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته بحيثيت قوم اسان پاڪستاني ڪڏهن به ڀارت جي اڳيان نه جهُڪيا آهيون ۽ نه جهُڪنداسين، افغانستان اسان جو ڀائر پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي ۽ اسان ان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا جڏهن ته اسان ان کان هڪ ئي گهرج ڪريون ٿا ته هو ڀارت جي دهشتگرداڻي پراڪسين فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج کي جڳهه نه ڏي. هن چيو ته پنهنجي انفرادي ۽ علائقائي سڃاڻپ کان وڌي ڪري پاڪستانيت جي سڃاڻپ کي اختيار ڪريون. هن چيو ته هر نظام ۾ مسئلا ۽ ڪمزوريون هونديون آهن، توهان جو ڪم آهي ته ڪمزورين ۽ منفي قوتن کي نظام تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو، جيڪي قومون پنهنجي تاريخ کي وساري ڇڏين ٿيون انهن جو مستقبل اونداهو ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جي ڪهاڻي ۽ تاريخ کي ڄاڻو ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچايو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ملڪ سان محبت ۽ وفاداري اولين ۽ بنيادي شرط آهي، پنهنجي اندر جرئت، قابليت ۽ ڪردار پيدا ڪريو ۽ جيڪڏهن انهن مان هڪ جز کي چونڊڻو هجي ته سدائين ڪردار کي فوقيت ڏيو.