راولپنڊي – 27 – جون (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سالياني دفاعي ۽ سلامتي ڳالهه ٻولهه جي 14هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آسٽريليا جو دورو ڪيو. دوري دوران هن آسٽريليا جي اعليٰ سويلين ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ ڊفينس فورسز جي سربراهه ايڊمرل ڊيوڊ جانسٽن، ڊائريڪٽر جنرل آفيس آف نيشنل انٽيليجنس (او اين آءِ) اينڊريو شيئرر، آسٽريلوي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽيورٽ ۽ واپار ۽ پرڏيهي معاملن جي دهشتگردي جي خاتمي واري سفير جيما هگنس سان ملاقات ڪئي. دفاعي ۽ سيڪيورٽي ڳالهه ٻولهه جو مقصد گڏيل افهام تفهيم کي مضبوط بڻائڻ ۽ فوجن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ شعبن جي نشاندهي ڪرڻ هو. ملاقاتن دوران ٻنهي ڌرين عالمي ۽ علائقائي ماحول، سلامتي جي چئلينجز ۽ موجوده ٻطرفي فوجي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي موقعن سميت وسيع تر معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دوري دوران هن آسٽريلين ڊفينس ڪاليج ۾ پاڪستان جي سلامتي جي ڏس ۾ هڪ ليڪچر ڏنو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي. هن آسٽريلوي سامونڊي جهاز همس ايڊيليڊ جو دورو پڻ ڪيو. ان کان اڳ سي ڊي ايف جي آفيس پهچڻ تي ٽنهي هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.