صوابي-26 جون (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته تحقيق ۽ جدت ذريعي موسمياتي تبديليون، فوڊ سيڪيورٽي ۽ پائيدار توانائي جهڙن مقامي ۽ عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. صوابي ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ڪانووڪيشن 25ع کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ٻين شعبن ۾ مثالي خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. اعليٰ تعليم اسان جي ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته پائيدار ترقيءَ لاءِ بهترين افرادي سگهه جي ضرورت آهي، جي آءِ ڪي جهڙو ادارو اهڙي افرادي قوت جي مهارت ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو شعبو ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، پاڪستان جي ڊجيٽل اڪانومي ۾ ڪافي حد تائين بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. فري لانسنگ جي شعبي ۾ اسان جو ملڪ عالمي سطح تي چوٿين نمبر تي آهي. هن چيو ته جي آءِ ڪي جا شاگرد جيڪي هنر ۽ مهارت ۾ اڳيان آهن ان ذريعي ملڪ جي خدمت ڪن. تحقيق ۽ جدت ذريعي موسمياتي تبديليون، فوڊ سيڪيورٽي ۽ پائيدار توانائي جهڙن مقامي ۽ عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. شاگرد پنهنجي علم ۽ صلاحيتون انسانيت جي فلاح ۽ ايندڙ نسلن جي روشن ۽ـ پائيدار مستقبل لاءِ استعمال ڪن. سينيٽ چيئرمين چيو ته تعليم جي شعبي ۾ به تبديليون اچي رهيون آهن. اسان کي ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻو پوندو، ڊجيٽل نيشن پاڪستان ۽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام جو مقصد ان شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڪانووڪيشن شاگردن جي زندگيءَ ۾ هڪ نئين سفر جي شروعات آهي. سينيٽ چيئرمين انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي سوسائٽي ۽ بورڊ آف گورنر جي صدر انجنيئر سليم الله خان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني ۽ ٻي انتظاميه جو ٿورو مڃيو. هن سائنس جي تعليم ۽ ترقيءَ جي خدمتن تي انسٽيٽيوٽ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.