تهران-26 جون (اي پي پي)عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي اعلان ڪيو آهي ته انهن جي معائوڪندڙن جي پهرين ترجيح آهي ته اهي ايراني ايٽمي ٺڪاڻن ۾ ٻيهر داخل ٿين ته جيئن آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي حملن جي اثرن جو جائزو وٺي سگهن ۽ يورينيم جي رچاءُ وارن ذخيرن جي جاچ ڪري سگهجي. ميڊيا رپورٽ موجب هن آسٽريا جي ڪابينا جي سيڪيورٽي اجلاس دوران پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اها سندس وڏي ترجيح آهي، جڏهن کانئس اهو سوال پڇيو ويو ته ايران انهن کي پنهنجي يورينيم جي رچاءُ وارن ذخيرن بابت آگاهه ڪيو آهي ته هن ٻڌايو ته ايران 13 جون تي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو پنهنجي ايٽمي مواد ۽ اوزارن جي حفاظت لاءِ خاص قدم کڻندو.