رياض-26 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ نئين هجري سال جي شروعات تي ڪعبي جي غلاف کي تبديل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪسوه جي تبديلي جو ڪم اربع ڏينهن عصر جي نماز کانپوءِ شروع ڪيو ويو جيڪو خميس جي صبح مڪمل ٿيو. ڪسوه ڪعبه مسجد الحرام ڪانوائي جي صورت ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. نئون ڪعبي جو غلاف چار برابر پٽين ۽ ستارا لباب تي ٻڌل آهي. ڪسوه جي هر هڪ حصي کي ڌار ڌار ڪعبه جي مٿين حصي تي آندو ويندو آهي جتان پوءِ ان کي لاٿو ويندو آهي، اهو عمل چار ڀيرا واري واري سان ورجايو ويندو آهي جيستائين نئون غلاف چاڙهيو نه وڃي ۽ پراڻو لاٿو نه وڃي. سڀ کان پهرين خانه ڪعبه جي دروازي جو پردو جنهن جي ڊيگهه 6.35 ميٽر ۽ ويڪر 3.33 ميٽر آهي کي لاٿو ويو. ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪامپليڪس ۾ ڪعبي جي غلاف کي تيار ڪيو ويندو آهي جنهن جا 7 مرحلا آهن. ڪعبي جي غلاف جي تياري ۾ اٽڪل 11 مهينا لڳندا آهن. غلاف جي تياري جو پهريون مرحلو پاڻي جي فلٽريشن هوندي آهي جنهن ۾ ڌاڳن کي صاف ڪيو ويندو آهي، خام ريشم کي اعليٰ معيار جي ڪاري رنگ سان رنڱيو ويندو آهي جنهن کانپوءِ ان جو ڪپڙو تيار ٿيندو آهي. غلاف جي ڪپڙي تي آيتن جي ڪڙهائي ڪئي ويندي آهي جنهن لاءِ خاص سون ۽ چاندي جا ڌاڳا تيار ڪيا ويندا آهن. تيار ٿيل ڌاڳن کي لاڳاپيل معيار موجب جانچڻ کانپوءِ انهن کي لاڳاپيل ڪڙهائي مرڪز ڏانهن موڪليو ويندو آهي. خانه ڪعبه جي غلاف کي مختلف مرحلن ۾ تيار ڪرڻ کانپوءِ ان کي مخصوص غلافن ۾ ويڙهي ڪامپليڪس کان مسجد الحرام ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا ويندا آهن. ڪسوه ڪعبه خاص ريشم جي 47 حصن تي ٻڌل آهي جنهن تي 24 قيراط سون جي تارن سان 68 قرآني آيتون لکيل آهن. ڪسوه جو مجموعي وزن 1415 ڪلوگرام آهي.